اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اڍائي لک کان وڌ??ڪ مسجدن کي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، عالم اهم سماجي موضوعن تي اسلامي ??عليم بابت ماڻهن کي تعليم ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو معاشرتي ۽ سماجي ترقي ۾ منبر ۽ م??را?? جي ڪردار جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي انيق احمد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن وارن وزيرن، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن وارن ادارن جي سيڪريٽريز ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماڻهن جي اخلاقي تربيت، اسلامي معاشري جي جوڙجڪ ۾ مبر ۽ م??را?? جو اهم ڪردار آهي، مسجد??ن مقامي ??بادي کي تعليم ڏيڻ، رابطي جو اهم ذريعو آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر 27 ملين ٻارن کي تعليم ڏيڻ تمام وڏو چئلينج آهي، اسڪولن کان ٻاهر 27 ملين ٻارن جي تعليم جي لاءِ هزارين اسڪول گهربل هوندا، سڄي ملڪ ۾ 2.5 لک کان وڌ??ڪ مسجدن کي شرح خواندگي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، فجر ۽ ظهر جي وچ ۾ مسجدن ۾ ٻارن کي مذهبي تعليم، جديد هنر ۽ تعليم سان ليس ڪري سگهجي ٿو، مسجدون اسلامي ??خلاقي قدرن جي فروغ، ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته عالم، خطيب ۽ مد??سا معاشرتي اصلاح، غيبت، عدم برداشت، فيڪ نيوز جهڙين سماجي براين جي خاتمي لاءِ ڪم ڪن، وڌ??دڙ آبادي، عورتن جي حقن، بين المذاهب هم آهنگي، رواداري جو فروغ اهم سماجي معاملا آهن، منبر ۽ م??را?? ۽ عالمن ڪورونا وبا دوران آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو، عالم بيمارين، غذائي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري سميت مختلف موضوعن تي آگاهي پيدا ڪري سگهن ٿا، مسجدن ۾ مذهبي، تعليمي ۽ سماجي سرگرمين سان مقامي ??بادي سان رابطو وڌ??ڪ مضبوط ٿيندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اهم قومي ۽ سماجي موضوعن تي تعليم ڏيڻ ۾ عالمن جي ڪردار جي حوالي سان تجويزون پڻ پيش ڪيون.
سڄي ملڪ ۾ اڍائي لک کان وڌيڪ مسجدن کي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات