ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار صوبي سنڪي??نگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سنڪي??نگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي سنڪي??نگ يونيورسٽي جي صدر يائو ڪي??نگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسڪالرز، محققين، تعليمي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته سندس سنڪي??نگ جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن ۾ س??گ ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ??اڪستان ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??اڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي حوالي سان سنڪي??نگ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي سنڪي??نگ سان تاريخي رابطن جو ذڪر ڪيو. سنڪي??نگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي حوالي سان ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليمي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سنڪي??نگ سان حصيداري جي لاءِ ??اڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي نوجوانن مان ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان دوستي ۽ ڀائيچار?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ان کان اڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽي جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سا?? پراڻي سنڪي??نگ يونيورسٽي جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي خودمختيار صوبي سنڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ