اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي مبشر ت??قير شاهه سميت پي ٽي وي جا ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير مسيحي برادري خاص طور ت?? پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته خوشي جي ان لمحي ۾ اسان سڀ توهان سان گڏ آهيون. هن چيو ته پي ٽي وي پاران ڪرسمس کان اڳ پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن جي ايڊوانس پگهار ۽ ڪرسمس الائونس جي ادائيگي خوش آئنده آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر ت??قير شاهه پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پي ٽي وي ۾ ڪرسمس جي تقريب منعقد ڪرڻ پي ٽي وي جي سدائين کان روايت رهي آهي. پي ٽي وي جي مسيحي برادري جي ملازمن اطلاعات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير جا تقريب ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت، ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria