اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي آئيسڪو کي بجلي ڪ??يڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي 139860 رپيا واپسي جي هدايت ڪر?? ڇڏي. آئيسڪو حاجي اختر رحيم کي لاڳت ۾ اضافي جي ڪر?? غيرمنصفاڻي طور تي بجلي ڪ??يڪشن جي لاءِ اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪ??و هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب حاجي اختر رحيم ٽرانسفارمر ۽ بجلي ڪ??يڪشن جي لاءِ آئيسڪو کي درخواست ڏني هئي، شڪايت ڪندڙ کي لاڳاپيل سامان جي قيمت سميت 305656 رپين جو ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪ??و ويو، شهري رقم جمع ڪرائي، وقت سر ڪنيڪشن لڳائڻ بدران قيمت ۾ اضافي جي ڪر?? اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪ??و ويو. شهري ڊيمانڊ نوٽيس واپس وٺڻ جي لاءِ آئيسڪو سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو. شهري شڪايت جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آئيسڪو محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي. ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي، رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ صدر آئيسڪو کي رقم واپسي جي هدايت ڪ??ي. ??در چيو ته آئيسڪو 30 ڏينهن جي اندر بجلي ڪ??يڪشن نه لڳائي پنهنجي ئي طريقيڪار جي خلاف ورزي ڪئي، آئيسڪو 30 ڏينهن ۾ ڪنيڪشن لڳائڻ جي پابند آهي، نه هڻڻ ۾ 7 مهينن جي دير ٿي، آئيسڪو شڪايت ڪندڙ کي اضافي ڊيمانڊ نوٽيس موڪليو، جڏهن ته هو اڳ ۾ ئي گهربل رقم ادا ڪر?? چڪو هو. هن چيو ته آئيسڪو صارفين کي خدمتن جي فراهمي جي خلاف ورزي ڪئي، هڪ ڀيرو ڊيمانڊ نوٽيس جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ قيمت ۾ اضافي جي ڪر?? ڪي به چارجز/ ڊيمانڊ نوٽيس نه ٿو ڏئي سگهجي. وفاقي محتسب جو فيصلو صحيح دليلن تي ٻڌل، قانوني طور تي پائيدار آهي. صدر آئيسڪو جي درخواست کي رد ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو.
صدر پاران آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے