اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توا??ائ?? تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثق??فت?? مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي ??عاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ مبارڪباد جي پيغام ۽ ٽيليفون ڪال تي سندس ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ايران کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم اير??ني صدر سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪيو جڏهن هنن مئي 2023ع ۾ گڏيل طور تي هڪ سرحدي مارڪيٽ ۽ بجلي جي پهچ لائين جو افتتاح ڪيو هو. هن واپار، توا??ائ?? تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثق??فت?? مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي ??عاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي ايران جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران فلسطين جي صورتحال تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اير??ني سفير وزيراعظم جا استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو پيش ڪيو. هن ايران جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania