اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پرڏيهي ??اڻي کي قانوني طريقي سان ملڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ اي – ڪامرس جي شعبي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان عرب مانيٽري فنڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهد الترڪي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي ??اڻي کي قانوني طريقي سان ملڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ اي – ڪامرس جي شعبي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته نار ملڪن ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ رهي ??و جيڪو هڪ وڏو پرڏيهي ??اڻي پاڪستان موڪلي ٿو، بونا ۽ راست جي تعاون سان پاڪستان ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ ڊيجيٽ?? رابطو قائم ٿيڻ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته بونا – راست ڪنيڪٽيويٽي پراجيڪٽ ملڪ ۾ ڊيجيٽل ڏيتي ليتي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، اهو اهم قدم ملڪ ۾ پرڏيهي ??اڻي جي وهڪري کي باضابطا بڻائيندو ۽ ڊيجيٽل گورننس جي نظام کي بهتر بڻائيندو. وزيراعظم چيو ته بونا – راست سان ان پرڏيهي ??اڻي کي آسان ۽ سستي طريقي سان پاڪستان موڪلي ??گهبو، بونا – راست اسان جي گڏيل ويزن جو عڪاس آهي. ڊاڪٽر ف??د چيو ته پاڪستان عرب دنيا کان ٻاهر عرب مانيٽري فنڊ جي منصوبي بونا سان ڳنڍجندڙ پهريون ملڪ آهي، بونا – راست جي ڪري ٻنهي طرفن جي معيشت گڏيل تعاون ۽ اعتماد سان ترقي ڪندي.
پرڏيهي ناڻي کي قانوني طريقي سان ملڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر