اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي ??زي?? قيصر احمد شيخ چيو آهي ته گڏيل قومون ۽ ان جي ذيلي تنظيمن جو پاڪستان ۾ اهم ڪردار آهي. گذريل ڏينهن وفاقي ??زي?? سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ا??ٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جو نمائندو گيئرٽو نسٽول به موجود هو. قيصر احمد شيخ ٻنهي مهمانن جي سامونڊي معاملن واري وزارت آمد تي آجيان ڪئي. وفاقي ??زي?? ٻُڌايو ته گڏيل قومن جي عالمي سامونڊي تنظيم ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن پاڪستان جي ميري ٽائم سيڪٽر جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان حوالي سان سيپٽمبر ۾ اسان انٽرنيشنل ميري ٽائم ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ عالمي بحري تنظيم جي سيڪريٽري جنرل شرڪت ڪئي ۽ اتي ميري ٽائم ان??سٽري جي بهتريءَ لاءِ اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي ??زي?? چيو ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرامن تحت پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاء?? پاڪستان جي ميري ٽائم ان??سٽري ماحول دوست ماڊل ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ اسان ايڪو ڪلچر ۽ـ هائبرڊ ويسلز ۽ روٽ آپٽيمائزيشن ۽ ڊجيٽلائزيشن تي توجهه ڏئي رهيا آهيون. هن ٻُڌايو ته وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون ايس ڊي جيز تي توجهه ڏئي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته اسان کي سموگ ۽ ٻي قسم جي آلودگي کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ـ اسان پنهنجي ا??ئر ڪوائلٽي ا??ڊيڪس کي بهتر بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ۾ پورهيتن جي حقن بابت ڳالهائيندي وفاقي ??زي?? چيو ته حڪومت ليبر ڪورٽس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي ??زي?? تسليم ڪيو ته اُسرندڙ ملڪ طور اسان وٽ پورهيتن جي حقن جا مسئ??ا موجود آهن. هن چيو ته سموريون صوبائي حڪومتون انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان مڪمل سهڪار ڪري رهيون آهن. وفاقي 22ع جي ٻوڏ ۾ يو اين آر سي جي آفيس جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان دوران 33 ملين ماڻهو بيگهر ٿيا جنهن ۾ يو اين آر سي فنڊنگ ذريعي پڻ اسان جي مدد ڪئي ۽ رضاڪار به فراهم ڪيا.
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا