نيويارڪ-23 نومبر (اي پي پي) آمريڪي اداري فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ) نياگرافال ويجهو رين بو بوريج تي ڌماڪي جي جاچ مڪمل ڪندي ان کي ٽريفڪ حادثو قرار ڏنو آهي. روس جي خابرو اداري تاس موجب بفيلو ۾ ايف بي آءِ جي آفيس طرفان ??يڪ?? تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حادثي و??ري جاءِ تان ڌماڪيدار مواد ناهي مليو ۽ نه ئي ان واقعي ۾ ده??تگردن جي ملوث هجڻ جو ڪ?? به ثبوب ناهي مليو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ مقامي پوليس جي حوالي ڪئي و??ي آهي. ان کان اڳ آمريڪي رياست نيويارڪ جي گورنر ڪيٿي هوچل چيو هو ته ??رب?? ڏينهن نياگرافال ۾ آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ سرحدي ڪراسنگ تي هڪ گاڏي ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ ده??تگردن جي ملوث هجڻ جو ڪ?? به ثبوت ناهي مليو، ان ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا هئا. نيويارڪ جي گورنر موجب ان واقعي ۾ هڪ مقامي ماڻهو ملوث هو تنهن هوندي به اڃان تائين اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته هي ڪو حادثو هو يا ڄاڻي و??ڻي ڪيو ويو هو.
سرحدي ڪراسنگ تي ڌماڪي ۾ دهشتگردن جي ملوث هجڻ جو ڪو ثبوت ناهي مليو: گورنر نيويارڪ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ