نيويارڪ-30 نومبر (اي پي پي) آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلي جي مذ??ت ڪئي آهي. چين جي خابرو اداري موجب هي گڏيل مذمت ستين اي يو – يو اين سالياني ڪانفرنس کانپوءِ جاري پڌرائي ۾ ڪئي وئي جيڪا گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگو??ري?? ۽ آفريقن يونين (اي يو) ڪميشن جي چيئرپرسن موسي فاڪي مهمت جي سربراهي ۾ نيويارڪ ۾ منعقد ٿي هئي. گڏيل پڌرائي ۾ آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلين جي مذ??ت ڪئي وئي ۽ برڪينا فاسو، گبون، جمهوريه گني، مالي نائجر ۽ سوڊان ۾ آئيني حڪمن جي وقت سر ۽ پرامن بحالي تي زور ڀريو ويو. ڪانفرنس ۾ آفريقا کنڊ ۾ امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي مقصدن جي حمايت لاءِ تڪرارن جي اثرائتي روڪٿام، امن قائم ڪرڻ، امن آپريشنز ?? پائيدار ترقي جي ڪوششن جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگو??ري?? ۽ آفريقي يونين ڪميشن جي چيئرپرسن موسي فاڪي مهمت چيو ته جهيڙيندڙ ڌرين لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ڊگهي مدي واري جنگ بندي ڪن ۽ تڪرارن جي حل جو ڳالهين ذر??عي رستو ڳولين.
آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن پاران آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي غير آئيني تبديلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ