رياض-26 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان مصر جي صدر عبدالفتاح ا??سي??ي سان گذريل ڏينهن ٽيليفون تي رابطو ڪيو. سعودي خابرو ايجنسيءَ مطابق شهزاده محمد بن سلمان ٽيون ڀيرو صدارتي چو??ڊن ۾ ڪاميابيءَ تي صدر عبدالفتاح ا??سي??ي کي مبارڪون ڏنيون. سعودي ولي عهد ٽيليفونڪ رابطي ۾ مصر جي صدر ۽ پنهنجي برادر عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي ۽ خواهش جو اظهار ڪيو. صدر عبدالفتاح ا??سي??ي مخلصاڻن جذبن جي اظهار تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. ياد رهي ته عبدالفتاح ا??سي??ي 18 ڊسمبر تي ٿي?? صدارتي اليڪشن ۾ 89.6 سيڪڙو ووٽ کڻي وڌيڪ 6 سال?? لاءِ ملڪ جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊجي ويو آهي. مصر جي نيشنل اليڪشن اٿارٽي ٻُڌايو آهي ته 67.3 ملين کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽرز مان 66.8 ملين ووٽرز پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔