اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سين??ٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سيپٽمبر مهيني جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي موجوده قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽيڪس معاملن ۾ گڏيل انتظامي مدد بابت 14 سيپٽمبر 2016ع تي پيرس ۾ او اي سي ڊي تحت گهڻ رخي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ جي من??ور?? ڏني وئي آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سين??ٽر پرويز رشيد پڻ ان موقعي تي موجود هو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي پائيدار ترقياتي هدفن جي پروگرام، ٻٽن ٽيڪسن کان پاسو ڪرڻ ۽ آمدني تي ٽيڪس جي حوالي سان مالياتي چوري کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن جي لاءِ ٽئين پروٽوڪول ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ من??ور?? ڏني آهي، آمدني تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڪنوينشن تي نظرثاني ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ من??ور?? ڏني وئي. ڪابينا ٽيڪس قانون ترميمي آرڊيننس 2016ع ۽ پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس جي تعين جي پڻ من??ور?? ڏني.
ڪابينا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا