مالي – 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون. مالي ۾ صدارتي آفيس مالي ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران وزيراعظم جي م??اونت پرڏيهي م??املن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز، سينيٽر پرويز رشيد، پاڪستان ٽوئرازم ڊ??لپ??ينٽ ڪارپوريشن جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر، وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جي صدر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن ??ي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عزت ۽ احترام ۽ حقن جي تحفظ تي قائم آهن. وزيراعظم چيو ته سياحت، واپاري فروغ، اعليٰ تعليم ۽ انساني وسيلن جي شعبن ۾ صلاحيت جي حوالي سان گڏيل مفادن جي ڪيترين ئي ياداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اقتصادي تعاون جي اهميت تي خاص طور تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم ۽ مالديپ جي صدر جون وفدن جي سطح تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ