لاهور – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ ماڻهو تمام عظيم آهن، ??تي اچي خبر پئي ته فائونٽين هائوس دنيا جي بهترين ادارن مان هڪ آهي، اهڙي طرح جي ادارن ۾ اچي دلي سڪون ملي ٿو ۽ حقيقي خوشي ملي ٿي، معاشري جي محروم ماڻه?? کي ڪارائتو شهري بڻائڻ تمام وڏي خدمت آهي، دنيا ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جو شڪار آهن، ڪوشش آهي ته هڪ ڪال سينٽر قائم ڪريان جتي ڊپريشن ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ماڻه?? کي فون ڪالز ذريعي سڪون ۽ آرام حاصل ڪرڻ بابت مشورا ڏنا وڃن، ڊبليو ايڇ او جي طرز تي ??سل??م آباد ۾ اسڪول ٽيچرز جي مدد سان ٻارن ذريعي ڊپريس والدين جو علاج ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. هو فائونٽين هائوس ۾ ورلڊ سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ آٽزم اينڊ چائلڊ سائيڪاٽري ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ