اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، پاڪستان جي عوام ڪشميري عوام جي ڏک کي پ??هنجو ڏک سمجهندي آهي، ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ڀارت جي انسانيت لڄائيندڙ ظلم جي پ??ري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت جي فاشٽ نظريي تي ڪاربند مودي سرڪاري ڪشمير سميت سڄي ڀارت ۾ اقليتن تي زندگي تنگ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموجي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشميري عوام جي ڏک کي پاڪستان جي عوام پنهنجو ڏک سمجهندي آهي. ڀارت جو ڪشميري عوام تي ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلم جي پ??ري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت جي فاشٽ نظريي تي ڪاربند مودي سرڪاري ڪشمير سميت سڄي ڀارت ۾ اقليتن جي زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ور??ين سان سڄي دنيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو ڪيس بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. موجوده پارليامينٽ ڪشمير جي مسئلي کي سڀني علائقائي ۽ عالمي فورمز تي به ڀرپو?? انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي.
ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک