اسلام آباد / پشاور – 04 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام ۽ انصاف ??وز??ار اسڪيم جهڙين قرض اسڪيمن سان عوام خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن کي فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن جي رهنمائ?? جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان گڏجي نوجوانن ۾ حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت شعور اجاگر ڪن ته جيئن نوجوانن جي لاءِ ??وز??ار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ صوبن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائ?? جي شعب?? جي ترقي سان صوب?? جي ماڻهن جي ترقي ۽ مقامي آبادي کي ??وز??ار جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان ماڻهن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري سگهبو، تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان اڳوڻي ف??ٽا ضلعن ۾ عدليه تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددملندي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه حڪومت اڳوڻي ف??ٽا جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اڳوڻي ف??ٽا ضلعن جو خيبرپختونخواهه ۾ انتظامي انضمام مڪمل ٿي چڪو آهي، ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 491 ارب رپيا ماليت جا 901 منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ضم ٿيل ضلعن ۾ تعليم، صحت، رستن، توانائي ۽ انتظامي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ کيس آگاهه ڪيو ويو ته صوبي ۾ جاري سمورا ترقياتي منصوب?? مقرر وقت موجب مڪمل ٿي ويندا. صدر خيبرپختونخواهه حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حل لاءِ مشاورتي سيشن باقاعده منعقد ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي ساراهيو. هن معياري صحت سهولتن جي فراهم?? جي لاءِ صحت انصاف ڪار?? جي سهولت ضم ٿيل ضلعن تائين وڌائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام ۽ انصاف روزگار اسڪيم جهڙين قرض اسڪيمن مان عوام کي فائدو کڻڻ لاءِ رهنمائي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : números quina hoje