اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طو?? تي واپار ?? معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت ??هي. صدر اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان سان مل??قات دوران چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. نامزد سفير سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ٻطرفي واپار ?? آمريڪا سان سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن کي ڳولڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي مختلف شعبن خاص طو?? تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر سفير کي چيو ته هو ڀارت ??ي اصل چهري کي بي نقاب ڪري جيڪو ڀارتي غي??قا??وني طو?? تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي. صدر نامزد سفير کي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طو?? مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج