اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪڻڪ ??ي تيار فصل جي تباهي کان متاثر آبادگارن جي مالي امداد جو ح??م ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب حڪومت کي ح??م ڏنو ته جن آبادگارن جي فصل سڙي وئي آهي، انهن کي فوري امدادي چيڪ ڏنا وڃن، وزيراعظم 90 هزار ڪلوگرام ڪڻڪ ??ڙي راک ٿيڻ تي آبادگارن جي فوري مالي مدد جو ح??م ڏنو. هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ آهي، مشڪل وقت ۾ آبادگارن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته بيلا پل باجوان، بجوت سيڪٽر ۾ 23 اپريل 2022ع تي ڪڻڪ ??ي تيار فصل کي باهه لڳي وئي هئي، باهه سان 77 ايڪڙ زمين متاثر ٿي هئي، 76 ايڪڙ ۾ ڪڻڪ ??ي فصل لاٻاري جي لاءِ تيار حالت ۾ هئي، سرڪاري رپورٽ موجب 15 آبادگارن جي تيار ڪڻڪ ??ڙي وئي هئي، جاچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪٽائي مشين ۾ فني ??رابي سبب باهه لڳي، مشين جي ويجهو ئي ذخيرو ڪيل 80 ليٽر ڊيزل کي باهه پڪڙڻ سان حادثي جو دائرو پکڙجي ويو هو، فاصلو وڌيڪ هجڻ جي ڪري فائرب??گي?? کي پهچڻ ۾ وقت لڳو. فائرب??گي?? 32 ڪلوميٽر جو فاصلو 25 منٽن ۾ طئي ڪيو. فائربرگيد جي ڪوششن سان باهه کي 135 ايڪڙ ۾ پکڙجڻ کان روڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران سيالڪوٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪڻڪ جي تيار فصل جي تباهي کان متاثر آبادگارن جي مالي امداد جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں