اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي معلومات ويب سائيٽ وڪي پيڊيا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ا??تر??ض جوڳو مواد هٽائڻ جي لاءِ 5 ??ڪن?? ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي صحيحن سان نوٽيفڪيشن ج??ري ڪيو ويو. بيان موجب وزيراعظم اهو فيصلو ٽن ??ڪن?? وزارتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪيو. ٽي ??ڪن?? ڪميٽي قانون ۽ انصاف، معاشي ۽ سياسي معاملن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن تي ٻڌل هئي. وزارتي ڪميٽي اجلاس منعقد ڪيو ۽ معاملي جو جائزو وٺندي چيو ته وڪي پيڊيا مفيد معلوماتي ويب سائيٽ آهي، شاگرد، محققين ۽ معاشري جا ٻيا طبقا ان مان فائدو کڻن ٿا، پوري ويب سائيٽ بند ڪر?? مناسب نه آهي، ا??تر??ض جوڳي مواد کي هٽائڻ جا قدم کنيا وڃن. بيان موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزي?? ڪميٽي جو سربراهه هوندو، قانون ۽ انصاف، اطلاعات ۽ نشريات، ڪامرس ۽ ڪميونيڪشن جا وفاقي وزي?? ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ شامل آهن. ضرورت موجب ڪنهن ٻاهر کي ڪميٽي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڪميٽي هڪ هفتي ۾ وفاقي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي وڪي پيڊيا تائين پهچ مڪمل بند ڪرڻ جي قدم جو جائزو وٺندي. ڪميٽي قدم تجويز ڪندي ته ا??تر??ض جوڳي مواد تي پابندي ۽ ان تائين پهچ کي روڪي سگهجي. ڪميٽي مذهبي طور تي حساس، مقدس ۽ اسان جي ڪلچر جي منافي مواد تي پابندي جي لاءِ طريقيڪار تجويز ڪندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري وزارت ڪميٽي کي سيڪريٽريل خدمتون فراهم ڪندي.
وزيراعظم پاران عالمي معلومات ويب سائيٽ وڪي پيڊيا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ