اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ پوري ??اڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، سرديءَ کان بچاءُ جي لاءِ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃ??، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. هن پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سان تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته زلزلي جي ڪري ??يمت جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، هولناڪ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي پاڪستاني قوم ڏکويل آهي، اسان جون سموريون همدرديون ترڪ ڀائرن سان گڏ آهن. هن ??يو ته مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ پوري ??اڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ترڪ ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان مان امدادي سامان ترڪيه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي، امدادي سامان ۾ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن، سرديءَ کان بچاءُ جي لاءِ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃ??. هن ??يو ته ترڪيه جي ڀائرن جي لاءِ فضائي، سامونڊي ۽ ٽرڪن ذريعي امداد فراهم ڪئي پئي وڃ?? جڏهن ته ٽرينن جي ذريعي به امداد جي فراهمي تي غور ڪيو پيو وڃ??، پرڏيهي وزارت ۽ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفير روزاني جي بنياد تي صورتحال کان آگاهه ڪري رهيا آهن جنهن جي ڏس ۾ امدادي سامان جي فراهمي جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃ??. هن ??يو ته زلزلي متاثرين جي بحالي تائين ترڪ ڀائرن جي حمايت جاري رکنداسين، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ترڪ حڪومت 2005ع جي زلزلي، 2010ع جي ٻوڏ ۽ تازي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي. هن ترڪيه جي سفير کي چيو ته هو ترڪ ڀائرن جي ضرورتن جي حوالي سان آگاهه ڪري ته جيئن انهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ امداد جو بندوبست ڪري سگهجي، اسان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، ترڪ ڀائرن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. قانون ۽ انصاف واري ??فاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي سان وڏي پئماني تي مالي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي، زلزلي متاثرين جي بحالي وڏو چئلينج آهي، پاڪستان جو نجي ۽ سرڪاري شعبو مدد جي لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي چيو ته تازي زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ اسان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر ممڪن مدد جو يقين ??يا??يو آهي جنهن تي پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورائتا آهيون. هن ??يو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي جي ڪري ??وت ٿيندڙن جو انگ 35 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ اسان کي ان صورتحال ۾ وڏو چئلينج درپيش آهي. هن ??يو ته ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، پاڪ فوج، اين جي اوز ۽ پاڪستان جا سرندي وارا ماڻهو امدادي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا.
مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ