اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ سرديءَ کان ب??اءُ جي خيمن جي باقي کيپ جي تياري ۽ پهچ 23 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خيما فضائي رستي موڪليا وڃن، نئين خيمن جي معيار کي نظرانداز ڪرڻ کانسواءِ گهٽ کان گهٽ اگهن تي تيار ڪيو وڃي، ترڪيه ۾ موڪليا ويندڙ خيمن جو معيار جانچڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويري فڪيشن يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ??فيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪسٽم عملدارن کي امد??دي سامان جي فوري پهچ جي لاءِ هوائي اڏن تي خصوصي انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان شام جي زلزلي متاثرين جي مدد انساني همدردي جي بنياد تي ڪري رهيو آهي. تعليمي ادارن ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ فنڊ ريزنگ کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ پاڪستان پاران جاري امد??دي ڪاررواين تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پاران هن وقت تائي?? مجموعي طور تي زلزلي متاثرين جي لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ سرديءَ کان ب??اءُ وارا تنبُو جڏهن ته 37 هزار کان وڌيڪ ڪمبل موڪليا ويا آهن. پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي اڏامن ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل 8 کان 16 ٽن امد??دي سامان ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليو پيو وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 28 فيبروري 2023ع تي پاڪستان نيوي هڪ سامونڊي جهاز اٽڪل هڪ هزار ٽن امد??دي سامان کڻي شام ۽ ترڪيه روانو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شام جي متاثرين جي لاءِ جنريٽرز، خشڪ راشن، دوائون جڏهن ته ترڪيه جي متاثرين جي لاءِ سرديءَ کان ب??اءُ جا خيما ۽ ڪمبل شامل آهن. ان کانسواءِ 21 اين ايل سي جي ٽرڪن جو قافلو 251 ٽن امد??دي سامان کڻي 25 فيبروري 2023ع تي ترڪيه جي شهر ملاطيه پهچي ويو آهي. اجلاس کي اين ڊي ??يم اي جي چيئرمين پاران سرديءَ کان ب??اءُ جي خيمن جي تياري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ??نهن خيمن جي تياري ۽ پهچ کي 23 مارچ تائين مڪمل ڪري 60 هزار خيما فضائي رستي ذريعي ترڪيه موڪلڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ گير امد??دي مهم بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته مختلف خيراتي ۽ انساني همدرديءَ جي تنظيمن پاران اين ڊي ??يم اي جي ڪليڪشن سينٽرز تي جمع ٿيندڙ شين کي زميني ۽ فضائي رستي ذريعي ترڪيه ۽ شام موڪليو پيو وڃي جن ۾ گرم ڪپڙا، دوائون، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون، جنريٽرز وغيره شامل آهن. اجلاس کي موڪليو ويندڙ راشن جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ترڪيه ۽ شام ۾ پاڪستان جي سفيرن امد??دي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. شام جي سفير پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ مدد جي مثبت ردعمل ۽ شام ۾ پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول جي ٻارن پاران هڪ امد??دي ٽرڪ ۽ 2 ڪروڙ سيرئين پائونڊ جي امداد جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير اجلاس کي ٻڌايو ته ترڪيه ۾ هاڻي سرديءَ کان ب??اءُ جي خيمن ۽ ڪمبلن جي سخت ضرورت آهي. هن ٻڌايو ته امد??دي سرگرمين کي منظم ??کڻ جي لاءِ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفارتخانو ترڪ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، اين ڊي ??يم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، شام ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جي خيمن جي باقي کيپ جي تياري ۽ پهچ 23 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ