اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ”گهڙ??ءَ چور، توشه خانه چور پيش ٿئي“ جا آواز هنيا پيا وڃن پر عم??ان خان گم آهي، عم??ان خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪٿي آهي؟ جواب مليو ”وقت جو نه ٿا ٻڌائي سگهون“ عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪهڙي وقت پيش ٿيندو، جواب مليو ”عمران خان سان رابطو نه ٿي رهيو آهي“ عدالت گهڙ??ءَ چور جي حاضري جو پڇي رهي آهي جيڪو ا??ا تائين پيش ن??هي ٿيو، فارن ايجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئنڪنگ ڪورٽ تي مهرباني ڪري رهيو آهي، توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لڳڻي آهي اتان به هي مفرور آهي، واهه ڀئي واهه. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ڌ??ءَ سان گڏ روزانو عدالت پيش ٿي سگهيو پئي ته عم??ان خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان گڏ ڇو نه ٿو پيش ٿي سگهي؟ عم??ان خان ڏٺئي! وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوندو آهي، بشريٰ ۽ گوگي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته گهڙ??ءَ چور ۽ فارن ايجنٽ سڌو جيل ويندو يا سڌو عدالت. گهڙ??ءَ چور فارن ايجنٽ جواب ڏجان ته توشه خانه ڇو ڦريو؟ خانه ڪعبه جي گهڙ??ءَ ڇو وڪرو ڪئي؟ بشريٰ بي بي توشه خانه جي هيرن جا هار ڇو وڪرو ڪيا؟ عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏيو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جواب ڏي ته خيرات جا پئسا سياست تي ڇو لڳايا؟ پنهنجي ملازمن جي نجي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ ڇو استعمال ڪيو؟ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جا پئسا پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڇو لڳايا؟ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان لکين ڊالر ڇو ورتا؟ خيرات جو پئسو سياست ۾ ڇو لڳايو؟ فارن فنڊنگ ملڪ جي خلاف ڇو استعمال ڪئي؟
عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ