اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پا??ستان ۾ يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پا??ستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي ج?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالم?? معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي سفير ملاقات ۾ پا??ستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ا??س پي پلس سميت اقتصادي شعبي ۾ تعاون پا??ستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل