اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ??ي ملڪي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين ??جلاس ۾ آن لائين ??رڪت ڪئي. اجلاس ۾ 14 اهم فيصلن/ دستاويزن ??ي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي طرف وٺي ويندڙ بنياد پرستي جي خاتمي جي حڪمت عملي، ڊيجيٽل تبديلي ۾ تعاون ۽ ايس سي او جي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي تي ٻه ڏيل بيان پڻ منظور ڪيا ويا. ملڪي سربراهي ڪائونسل شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ايران ??ي مڪمل ميمبر طور شموليت جي پڻ منظوري ڏني ۽ ايندڙ اجلاس تائين ??يلاروس ??ي مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ عمل شروع ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايس سي او ملڪي سربراهي ڪائونسل اعليٰ ترين ??يگزيڪيوٽو باڊي آهي جتي ايس سي او ??ي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ تنظيم جي تزويراتي رخ بابت فيصلن ??ي منظوري ڏين ٿا. ايس سي او ??ي ميمبر ملڪ?? جي سربراهن سميت مبصر ملڪن ايران، بيلاروس ۽ منگوليا جي صدرن سان گڏوگڏ ترڪمانستا?? جي صدر ۽ عالمي تنظيم?? جي سربراهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سربراهي اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ??ي منشور جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ڪاميابي جي لاءِ تعاون جو بنياد فراهم ڪري ٿو. هن امن، خوشحالي ۽ گڏيل ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏيندڙ علائقائي تنظيم طور ايس سي او جي لاءِ پاڪستا?? جي ويزن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو. امن ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ ذريعي طور تي علائقائي رابطي جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستا?? جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي يورپ ۽ وچ ايشيا کي چين ۽ ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍيندڙ قدرتي پل بڻائي ڇڏيو آهي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان 2023ع جي آخري ٽه ماهي ۾ علائقائي خوشحالي جي لاءِ ٽرانسپورٽ رابطن تي ايس سي او ڪانفرنس ??ي ميزباني ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي جي لا??ِ غربت جي خاتمي کي گڏيل ترجيح قرار ڏيندي وزيراعظم غربت جي خاتمي لاءِ ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي جنه?? جي تجويز پاڪستان ڏني هئي. وزيراعظم هر قسم جي دهشتگردي رياستي سرپرستي سميت ٿيندڙ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن علائقائي ۽ عالمي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستا?? جي ڪردار کي اجاگر ڪيو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم ايس سي او جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي سمورا ماڻهو کي جيڪي غاصباڻي قبضي، نسل پرستي ۽ قوم پرستي خاص طور تي اسلامو فوبيا جو شڪار آهن، کي بنيادي حقن ۽ آزادين ??ي ضمانت فراهم ڪن. ايس سي او ملڪي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين ??جلاس ۾ 14 اهم فيصلن/ دستاويزن ??ي منظوري ڏني وئي جن ۾ نئين ??هلي پڌرنامو پڻ شامل آهي جنهن ۾ گڏيل مفاد جي اسٽريٽجڪ ۽ جاگرافيائي سياسي مسئلن تي ايس سي او ??ي ميمبر ملڪ?? جي گڏيل موقف کي واضح ڪيو ويو آهي. هن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي طرف وٺي ويندڙ بنياد پرستي جي خاتمي جي حڪمت عملي، ڊيجيٽل تبديلي ۾ تعاون ۽ ايس سي او جي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي تي ٻه گڏيل بيان پڻ اختيار ڪيا. ملڪي سربراهي ڪائونسل شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ايران ??ي مڪمل ميمبر طور تي شموليت جي پڻ منظوري ڏني ۽ ايندڙ ملڪي سربراهي ڪائونسل اجلاس تائين ??يلاروس ??ي مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ عمل شروع ڪري ڇڏيو. ملڪي سربراهي ڪائونسل اجلاس پاڪستان کي تنظيم ??ي مستقبل جي رخ جي لاءِ پنهنجي ترجيح?? جي حصيداري ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. 2017ع ۾ ايس سي او جو ميمبر بڻجڻ کان وٺي پاڪستان ايس سي او جي سمورين ??رگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي ۽ مختلف ايس سي او مڪينزم تحت ايس سي او جي گهڻ شعباجاتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم جي ايس سي او جي ملڪي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ آن لائين شرڪت
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم