اسلا?? آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته اقتص??دي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پروگرام تي سختي سان عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ آهستي آهستي ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي رستي تي گامزن رهي سگهي ٿو، بئنڪ هلن??ڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جڏهن ته مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو کان گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو ام??ان ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪ??ل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي، ايشين ڊولپمنيٽ آئوٽ لڪ جي نالي سان جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ هلن??ڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مجموعي قومي پيداوار جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جو ام??ان ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل سال اقتص??دي اوسر جي شرح 0.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي تنهن هوندي به رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي اقتص??دي سستي سميت ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن سان خطرا موجود آهن. پاڪس??ان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حساين ٻڌايو ته پاڪس??ان جي اقتص??دي اوسر ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام ثابت قدمي سان اقتص??دي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ۾ لڪل آهي، هن ٻڌايو ته اقتص??دي سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان اقتص??دي ۽ مالياتي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ سختت مالياتي نظم ۽ ضبط، مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻو پوندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪس??ان جي معيشت کي گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري مشڪلاتون آڏو رهيون جنهن سان واڌ متاثر ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اقتص??دي سڌارن جي پروگرام ۽ سال 2024ع ۾ عام چونڊن سان اعتماد ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته سيڙپڪاري به وڌندي. رپورٽ ۾ حڪومت طرفان زراعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن جو به احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مفت ٻج، آسان قرض ۽ ڀاڻ جي فراهمي زراعت جي شعبي ۾ بحالي متوقع آهي ۽ ان سان صنعتن کي به فائدو ٿيندو.
پاڪستان ۾ معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria