مونٽريال-06 مارچ (اي پي پي)ڪينيڊا ۾ رهندڙ فلسطينين اسرائيل کي هٿيار برآمد ڪرڻ تي ڪينيڊا جي پرڏيهي ??زي?? خلاف ڪيس ??اخل ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪينيڊين فلسطيني ڄاون شهرن ۽ انسان?? حقن جي وڪيل اسرائيلي فوج کي هٿيار برآمد ڪرڻ تي ڪينيڊا جي پرڏيهي ??زي?? ميلانيا جولي خلاف ڪينيڊا جي وفاقي عدالت ۾ ڪيس ??اخل ڪيو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اهو قدم ملڪي ۽ عالمي قانونن موجب ڪينيڊا جي ذميوارن خلاف آهي. گذريل ڏينهن داخل ڪيل ڪيسن ۾ وفاقي عدالت کي ٻڌايوويو ته ڪينيڊا جي حڪومت اسرائيل لاءِ تيار ڪيل فوجي سامان ۽ ٽيڪنالاجي لاءِ برآمدي اجازت نامو جاري ڪرڻ کا?? روڪڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت اهو به چيو ته اهڙا اجازت ناما جاري ڪرڻ غير قانوني آهن.ڪيس ??اخل ڪندڙ ادارن ۾ شامل ڪينيڊين لائرز فار انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي بورڊ ميمبر هينري آف چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ته ڪينڊا پنهنجي معيار ۽ عالمي قانون ذميواري موجب ڪم ڪري. واضح رهي ته ڪينيڊا جي سرڪاري انگن اکرن موجب ڪينيڊا 2022ع ۾ اسرائيل کي ڏيڍ ڪروڙ ڊالر کا?? وڌيڪ ماليت جا هٿيار برآمد ڪيا.
اسرائيل کي هٿيار برآمد ڪرڻ تي ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير خلاف ڪيس داخل
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ