اوٽاوا – 15 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڪينيڊا عليحدگي پسند سک اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ هاءِ ڪمشنر سميت ??ار?? جي 6 سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هڪ ني??ز ڪانفرنس ۾ چيو ته حڪومت وٽ هاڻي واضع شاهديون موجود آهن ته ??ار??ي حڪومت جا ايجنٽ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث رهيا آهن ۽ انهن اهڙين سرگرمين کي جاري رکيو آهي جيڪي عوامي تحفظ لاءِ اهم خطرو آهن . هن ٻڌايو ته انهن سرگرمين ۾ ڳجهي معلومات گڏ ڪرڻ جي مهارت ، زور زبردستي جو رويو ، ڏکڻ ايشيائي ڪينڊين شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ قتل سميت درجن کان وڌيڪ ڌمڪي آميز ۽ پرتشدد ڪاروائين ۾ ملوث هجڻ شامل آهي . جسٽن ٽروڊو چيو ته ا??و ع??ل قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي ، ??ار?? ڪينيڊا ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ٿي بنيادي غلطي ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل