اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائرس بابت عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آ??ي، اولهه ميڊيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ميڊيا ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ انتهائي ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ميڊيا جي فرنٽ لائين تي رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي سدائين ياد رکيو ويندو، ميڊيا عوام کي صحيح معنيٰ ۾ وائرس جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ بابت احتياطي تدبيرن کان آگاهه ڪيو آهي، ٽاڪ شوز ذريعي عالمي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪارائتن مشورن سان عوام ۾ وائرس بابت شعور اجاگ?? ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن