لاهور – 29 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان ??وز??ار سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ميڊيا حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم ۽ عوامي ڀلائي جا منصوبا پڻ غور هيٺ آيا. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان ??وز??ار حڪومتي ڪارڪردگي جي حوال?? سان قدمن کي ڀرپور طريق?? سان اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت جي 2 سالن جي ڪارڪردگي ماضي جي 30 سالن جي دور کان تم??م گهڻي بهتر آهي، حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ميڊيا جي تعميري تنقي?? سان رهنمائي ملي ٿي. ڪرپٽ عنصرن جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، قومي وسيلن جي غلط استعمال جي اڳوڻي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزير شبلي فراز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس