اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات ??ي صدر شيخ محمد بن زي?? النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو ??ظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زي?? النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زي?? النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو ??فير افضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ??ي قيادت سان پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو ??ظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زي?? النهيان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائ??ن ياد رکندي. گڏيل عرب امارات ??ي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو ??ظهار ڪندي پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو ??علان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : رومن دولت