اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي علائقي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ متاثر علائقي ۾ جاري آپريشن بابت تفصيل شامل آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران وزيرا??ظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي باهه تي ضابطو آڻڻ ج?? لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي هئي. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل تفصيل موجب وفاقي ۽ صوبائي کاتن تي ٻڌل ٽيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات صورتحال تي نظر ر??ڻ ج?? لاءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زوب جي ڪمشنر متاثر علائقي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. وزيرا??ظم وٽ جمع رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيف سيڪري??ري بلوچستان، ٻيلي کاتي جي سيڪري??ري ۽ پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل متاثر علائقي جو دورو ڪيو آهي، مختلف ٽيمن جا 300 اهلڪار شير گلي، زرغون زاور، تور ڳڙهه ۽ نڪئي جي علائقن ۾ باهه وس??ئڻ ج?? آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. وزيرا??ظم جي خصوصي نمائندي ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواسع زوب ۾ هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٻارهين ڪور جي ڪمانڊر پڻ شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم جي هدايتن جي روشني ۾ ضلعي شيراني ۾ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات جي سيڪري??ري جي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس جو عمل قيام ۾ آندو ويو آهي، ان کانسواءِ ويليج اينڊ ايريا فائير ڪنٽرول ڪميٽين جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته باهه جي ڦهلاءُ تي ضابطو آڻڻ ج?? لاءِ پي ڊي ايم اي باهه وس??ئيندڙ اوزار ۽ ريسڪيو گاڏيون فراهم ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ اين ڊي ايم اي پڻ ضروري اوزار فراهم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جاري آپريشن جي لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر ڏنا آهن جڏهن ته آرمي بيس ڪئمپ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي علائقي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج