اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکون ٿا، معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ، فيڪ نيوز ۽ ڪردارڪشيءَ جي لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال جي اجازت هرگز نه ڏينداسين، پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي تحفط فراهم ڪري ٿو، آئين جي منافي ڪنهن به پوسٽ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽڪ ٽاڪ جي ريجنل هيڊ آف ايشيا پيسيفڪ جي قيادت ۾ 6 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ ريجنل هيڊ آف ايشيا پيسفڪ ٽرسٽ اينڊ سيفٽي (ٽي اينڊ ايس) جياگن عيپ، ريجنل هيڊ اي پي اي سي آئوٽ ريچ ڪيري ووڊز، هيڊ جي آر پاڪستان فهد نيازي، هيڊ پبلڪ پاليسي پروگرام زاره بشارت، ٽرسٽ اينڊ سيفٽي پاڪستان جي عاصمه انجم ۽ ثانيه اختر شامل هئي. وفد سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام کي ٽڪ ٽاڪ جي استعمال بابت آگ??هي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ ٽڪ ٽاڪ انت??ام??ا مقامي زبان کي ترجيح ڏي. هن چيو ته ماضي ۾ ج?? سببن جي ڪري ٽڪ ٽاڪ تي پا??ندي لاڳو ٿي، انهن کي نظر ۾ رکندي ٽڪ ٽاڪ انت??ام??ا موثر قدم کنيا. هن چيو ته نوجوانن کي ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز جي تياري جي حوالي سان سيفٽي ۽ آگ??هي فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي 75 سالا گولڊ جوبلي تقريبن ۾ ٽڪ ٽاڪ سان پا??ٽنرشپ ڪئي ويندي، ان پا??ٽنرشپ جو مقصد نوجوانن ۾ حب الوطني جي جذبي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ت?? ٽڪ ٽاڪ انت??ام??ا اطلاعات واري وزارت جي انتظام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي جي پليٽ فارم کي پڻ آگ??هي جي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته والدين کي ب?? ٽڪ ٽاڪ وڊيوز جي حوالي سان آگ??هي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ نوجوانن کي سوشل ميڊيا تي معاشرتي ۽ مذهبي قدرن جي حوالي سان آگ??هي ڏيڻي پوندي. هن يچو ته پي بي اي سان گڏجي آگ??هي مهم هلائي سگهجي ٿي، اطلاعات واري وزارت ان ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ت?? ٽڪ ٽاڪ تي صحت جي حوالي سان مهمن کي به فروغ ڏئي سگهجي ٿو، اهڙي طرح وڌ کان وڌ ماڻهن کي صحت جي حوالي سان آگ??هي ملندي. ان موقعي تي ٽڪ ٽاڪ جي وفد جي ميمبرن ڳالهائيندي چيو ت?? ٽڪ ٽاڪ ايپ حڪومت سان پا??ٽنرشپ جي ذريعي نوجوانن جي رهنمائي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت ۽ قدرن جي فروغ لاءِ پڻ ٽڪ ٽاڪ ايپ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وفد جي ميمبرن چيو ت?? ٽڪ ٽاڪ تي ڪڏهن به رياست مخالف ۽ توهين مذهب جي حوالي سان مواد شيئر ن??هي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن ۽ پي ايس ايل جي موقعي تي ٽڪ ٽاڪ ايپ تي قومي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ لکين وڊيوز تيار ٿيون، مستقبل ۾ به ان جذبي کي برقرار رکيو ويندو ۽ قومي ڏينهن جي حوالي سان نوجوانن ۾ حب الوطني جي جذبي کي فروغ ڏنو ويندو. ٽڪ ٽاڪ جي وفد ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا ٿورا مڃيا.
سوشل ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکون ٿا، معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ، فيڪ نيوز ۽ ڪردارڪشيءَ جي لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال جي اجازت هرگز نه ڏينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں