اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پار??ن جاري بيان موجب پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده مٽاسٽا ۽ فائديمند گڏيل تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي ??زير ٻطرفي واپار تي جي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ترقياي منصوبن جي لاءِ يورپي يونين جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان گڏوگڏ پاڪ يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد ک??ن جلد م??عق?? ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانست??ن جي تازي صورتحال ۽ سياسي منظرنامي ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. هن اعليٰ نمائندي کي انساني ام??اد جي فراهمي لاءِ پاڪست??ن جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي ??زير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي پاڪست??ن جي صورتحال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج