سکر – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ضلعي انتظاميا سکر پاران ڪشمير جي قانوني حيثيت ختم ڪرڻ جهڙي غيرقانوني عمل کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ميونسپل اسٽيڊيم کان پريس ڪلب سکر تا??ين ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد احمد چيو ته هندستان پاران ڪشميرين تي ظلم ۽ والاريل ڪشمير جي قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ عالمي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اڄ ان غيرقانوني عمل کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آ??ن. ريلي ۾ ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير جي خودمختياري بحالي ڪريو، ڪشمير جو استحصال نامنظور، پاڪستان زن??هه آباد“ جا نعرا هنيا ويا.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش