استنبول – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب او ??ءِ سي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه پهچي وئي. او ??ءِ سي جي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جو 12 هون اجلاس 21 ۽ 22 آڪٽوبر تي ترڪيه جي شهر استنبول ۾ ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي. ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جو مو??وع ”سچ جي دور کانپوءِ غلط معلومات ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ“ آهي. ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي او ??ءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسن ابراهيم ط??ه خطاب ڪندو جڏهن ته ڪانفرنس ۾ اطلاعات جي مختلف شعبن ۾ او آ3 سي جي ڪردار تي ڌيان ڏنو ويندو. او ??ءِ سي جي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ خاص طور تي فلسطين ۽ القدس شريف جي مسئلن جي حوالي سان ميڊيا کي متحرڪ ڪرڻ سميت آفريقي او ??ءِ سي ميمبر ملڪن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويندو. ڪانفرنس ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۾ او ??ءِ سي جي ڪردار، اسلام جي صحيح تصوير پيش ڪرڻ ۽ ميڊيا جي ڌرين ۾ انته??پس??دي ۽ دهشتگردي کان بچڻ جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويندو. ڪانفرنس ۾ مسلمان دنيا ۾ ميڊيا جي مهارت ۽ تربيت جي فروغ جي حوالي سان معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه پهچي وئي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت