استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خ??ص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان حڪومت انهن کي ان ڏس ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وز??را??ظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول ۾ ترڪيه جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن سان نويڪلائي ۾ ملاقات دوران ڪيو. وز??را??ظم سان ملاقات ۾ پاڪ ياتريم، انادولو گروپ، زورلو انرجي، البيرڪ ۽ گوريس هولڊنگز جي وفدن جي قيادت انهن ڪمپنين جي مالڪن ۽ سي ??ي اوز ڪئي. وز??را??ظم پاڪستان جي معيشت جي ترقي ۾ ترڪيه جي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وز??را??ظم واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن ترڪيه جي واپارين کي پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ترڪ واپارين وز??را??ظم جي ان قدم کي ساراهيو ۽ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
ترڪيه جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری