اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفد پاران حڪومت کي توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي موجوده معاشي ۽ ڪاروباري صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وفد ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب ڪئي. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي وز??راعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل ملڪي معيشت جي مڪمل بحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وفد معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاء?? مفيد تجويزون ڏنيون، جن جي آجيان ڪندي وز??راعظم چيو ته گذريل حڪومت جي مجرماڻي غفلت سان گذريل 4 سالن دوران ملڪي معيشت جي ناقابل تلافي نقصان پهتو. جڏهن اسان جي اتحادي حڪومت قومي خدمت جي جذبي تحت ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي بيٺل هئي، اسان هر شعبي ۾ ڀرپور محنت ۽ لڳن سان ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ملڪي معيشت کي تباهي جي ڌٻڻ ??ان ڪڍڻ جو ذمو ک??يو. وز??راعظم حڪومت جي ان عزم کي به ورجايو ته اها هر حال ۾ ڪاروباري طبقي جي تعاون ۽ عوام جي حمايت سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وز??ر محمد اسحاق ڊار، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين، اقتصادي معاملن ڊويزن واري وفاقي وز??ر سردار اياز صادق، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، وز??راعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر جي چيئرمين عاصم احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد جي ملاقات، حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil