اسلام ??باد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. هن اسٽيٽ لائيف کي لائيف انشورنس پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ تصديقي عمل کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽيٽ لائيف کي دعويدارن کي 19 ??ک رپين کان وڌيڪ جا ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ??ئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ لائيف پاليسي ڏيڻ کان اڳ ۽ بعد جي عمل کي بهتر بڻائي ته جيئن ماڻهن کي غيرضروري پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، انهن قدمن ??ان رياست ۽ شڪايت ??ندڙن جي قانوين چاره جوئي تي ٿيندڙ ??رچ?? کي به گهٽ ڪري سگهبو. صدر ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872ع جو حوالو پڻ ڏنو ۽ چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس بيماري لڪائڻ جي عذر تي ڪليم ادا نه ڪري بدانتظامي ڪئي، اسٽيٽ لائيف اصل ڪليم کانسواءِ ان مدي دوران جمع ٿيندڙ منافعي جي ادائيگي به ڪري. صدر اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر چيو ته پاليسي هولڊرز کي پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ مجاز ميڊيڪل آفيسر طبي معائني ۾ طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس ۽ ميليٽس جهڙين بيمارين کي غيرمعمولي سبب نه ٿو چئي سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکويبازي ??ان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چار مختلف پاليسي هولڊرز مجموعي طور تي 19.5 ??ک رپين جي لائيف انشورنس پاليسيون خريد ڪيون، جنهن ۾ 9 لک، 4 لک 25 هزار، 4 لک 25 هزار ۽ 2 لک شامل آهن. فوت ٿيڻ کانپوءِ خاندان جي ماڻهن (شڪايت ??ندڙن) انشورنس ڪليمز جي لاءِ درخواست ڏني، اسٽيٽ لائيف پاليسي وٺڻ وقت بيماريون لڪائڻ جو عذر ٺاهي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو، شڪايت ??ندڙن ريليف جي لاءِ وفاقي محتسب ??ان رابطو ڪيو اسٽيٽ لائيف محتسب حڪمن جيخلاف صدر کي درخواستون داخل ڪيون جيڪي رد ڪيون ويون.
صدر پاران اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado