??سل??م آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پا??ان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ??اء?? هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سندس ٿورا مڃي ٿو. پاڪستان ٻوڏ متاثرين جي بحالي ??اء?? سعودي عرب جي امداد کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار و??يراعظم محمد شهباز شريف سعودي فنڊ جي 4 رڪني وفد سان ??سل??م آباد ۾ ملاقات دو??ان ڪيو. وفد جي سربراهي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان المرشد ڪري رهيو هو. وزيراعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ??اء?? هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سعودي عرب جي عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا به خصوصي ٿورا مڃيا. ملاقات دو??ان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مختلف ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير محمد اسحاق ڊار، قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.
سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سندس ٿورائتا آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔