اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ زلزلي سبب تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??درتي آفتن سان تباهي جي شدت دنيا جو اجتماعي ڌيان گهري رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ وڏي جاني نقصان سبب ڏک آهي. متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته دنيا قدرتي آفت?? جي مقابلي لاءِ متحد نه ٿي ته ڪير به نه بچندو. هن چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر ملڪ?? جي عوام سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ مارجي ويل?? جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وزير زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا