اسلام آب??د ?? 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڏکڻ وزيرستان انگور اڏا ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙ برگيڊيئر مصطف??ٰ ڪمال برڪيءَ کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته برگيڊيئر مصطف??ٰ ڪمال قوم جو هيرو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيد جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ??يو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف پوري قوم هڪ آهي، پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي. هر شڪل ۽ هر صورت ۾ موجود دهشتگردي پاڙ کان ختم ڪنداسين. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيدن کي بلند مقام عطا فرمائي، گهرڀاتين کي صبر ڏي. اطلاعات واري وزير زخمي جوانن کي خر??ج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری