اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ م??صو??ن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو ڦرندو ته ترقي ٿيندي، اتحادي حڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرام کي 1150 ار?? رپين تائين وڌايو آهي. ان ۾ 491 ار?? رپيا بنيادي ڍانچي لاءِ رکيا ويا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماجي بهبود، تعليم، ايس ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منصوبن لاءِ 61 ار?? رپيا رکيا ويا ??هن. زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ 45 ار?? رپين جا منصوبا شامل آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رکي وئي آهي. صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1509 ار?? رپين جي ويجهو هوندي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو اوسر واري شرح ج?? هدف حاصل ڪري وٺنداسين.
ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو هلندو ته ترقي ٿيندي: سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری