ٺٽو-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو ڪيٽي بندر ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري پاڪ فوج، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ا??جنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان خطري واري علائقي مان ماڻهن کي محفوظ ه??ڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو واري ھلندڙ ڪم جي نگراني ڪري رھيو آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي ا??تظاميا پاڪستان آرمي، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ا??جنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي جي غير محفوظ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي تہ جيئن قيمتي جانين جي ا??ڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ضلعي ا??تظاميا پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻگها??، ٽي سي ا??ف اسڪول بابو ڪنان ٻگهاڻ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪيٽي بندر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻگها??، ٽي سي ا??ف اسڪول پير ڏنو شاهه جهالو، ٽي سي ا??ف اسڪول جھنگيسر، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳاڙھو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڳاڙھو ۽ وٽنري اسپتال ڳاڙھو ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هن ??قت تائين ساحلي علائقن مان اٽڪل 727 خاندانن کي ريسڪيو ڪري مختلف رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، مڇر دانيون، موبائيل اسپتال، دوائون، واش رومز ۽ ٻيون سموريون گهربل سھولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي ا??تظاميه پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي ساحلي علائقن مان نڪرڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ سرگرم مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ ه??ڌن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري ه??ڌن کان نڪري چڪا آهن ۽ انهن کي پڻ ضلعي ا??تظاميا پاران قائم ڪيل مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ڪيٽي بندر ۾ ڪئمپ آفيس قائم ڪري ڇڏي، ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ جاري ريسڪيو آپريشن جي نگراني
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز