حيدرآباد-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي فواد غفار سومرو ضلعي جي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته امڪاني طو??اني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پا??ي جي نيڪالي واري عمل جي نگراني ڪن. پنهن??ي آفيس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي پريشانين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ عملو سنجيدگي ۽ دلچسپي سان پنهنجا فرض ادا ڪن. هن، حيسڪو اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي واسا جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته جنريٽر تي پمپنگ مشينن کي فعال رکڻ جي صلاحيت فقط 25 سيڪڙو هوندي آهي ۽ پا??ي جي نيڪالي وارو ڪم پڻ متاثر ٿيندو آهي ضرورت ان ڳالهه ??ي آهي ته پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي فراهم ڪندڙ فيڊرن کي فعال رکڻ لاءِ ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ بلڊنگس کاتو سرڪاري ڪالونين ۽ سوسائٽيز مان برساتي پا??ي جي نيڪالي جا ذميوار آهن تنهنڪري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون سميت سمورا لاڳاپيل عملدار پاڻمرادو برساتي پا??ي جي نيڪالي وارن ڪمن جي نگراني ڪندا ۽ انشاالله ماڻهن جي جانين ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪت?? آندا ويندا.
امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻي جي نيڪالي واري عمل جي نگراني ڪئي وڃي: ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي ضلعي جي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ