اسلام ??با?? – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير سان ڊينمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي هڪ ??وئيٽ ۾ چيو ته مون کي ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسموسن ٽيليفون ڪئي ۽ مون کيس ڊينمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ڊينمارڪ جي حڪومت پاران مسلمان دنيا تائين پهچ جو اعتراف ڪندي ۽ ان ڪڌي ڪاررواين جي مذمت ڪئي. هن سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي ٺيس پهچائيندڙ اسلامو فوبڪ ڪ??ررواين کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری