اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته نگران ??زيراعظم جي نالي جو فيصلو اڄ ڇنڇر تائين ٿي ويندو. وزيراعظم جي بيٽ رپورٽرز سان الوداعي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته هو اتحادي پارٽين جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو ته جيئن ان ??عاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي جنهن کانپوءِ هو ٻيهر مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سان ??ڻ ملاقات ڪندو. هن وضاحت ڪئي ته ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق پيدا نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو جيڪا ٽن ڏينهن جي اندر معاملي کي اڪلائيندي. پارلياماني ڪميٽي جي سطح تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو اليڪ??ن ڪميشن وٽ هليو ويندو جنهن کي ٻن ڏينهن ۾ حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران کيس ۽ مخالف ڌر اڳوڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران ??زيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻ جي لاءِ لکيل خط بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين ۾ طر??قي??ار بلڪل واضح ??هي. هن چيو ته بطور وزيراعظم حڪومت جي دور جا 16 مهينا منهنجي 38 سالا سياسي ڪيريئر جو سڀ کان ??شڪل وقت هو جڏهن ته سمورن حصيدارن جي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت مختلف محاذن تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته ٻوڏ دوران حڪومتي مشينري 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو ۽ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن پاران ??رهايل امداد کانسواءِ وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين ۾ 100 ارب رپيا ورهايا هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان ??عاهدو هڪ تمام وڏو چئلينج هو جنهن تي پوري ٽيم جي ڪوششن سان ضابطو آندو ويو نه ته ملڪ انتشار جو شڪار ٿي سگهيو پئي. سفارتي محاذ تي پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هن دوست ملڪن سان ??اڳاپن کي بهتر ڪيو آهي جيڪي گذريل حڪومت دوران بي بنياد الزامن جي ڪري ڇڪتاڻ وارا ٿي چڪا هئا. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت دوران ??هانگائي 12.5 سي??ڙو تائين پهچي وئي هئي جڏهن ته ميان ??حمد نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ رڳو 3.5 سي??ڙو هئي. هن چيو ته پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري حڪومت کي ڪڻڪ جي درآمد تي 2 ارب ڊالر خرچ ڪرڻا پيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سائفر بابت خبر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو ان سڀ ڪجهه بي نقاب ڪري ڇڏيو ??هي. هن صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل جي شڪل ۾ هڪ طر??قي??ار جوڙيو آهي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن ??هي.
اميد آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي جو فيصلو اڄ ڇنڇر تائين ٿي ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت