اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي. توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ توانائي واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿانهون ڪو به قدم نه کڻندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ب??لي جي وڌندڙ قيمتن جي عنصرن ۾ ب??لي چوري سڀ کان وڏو عنصر آهي، هر سال 589 ارب رپين جي ب??لي چوري ٿئي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس ب??لي چوري بابت آهي، جڏهن ته ب??لي جي بلن ۾ اضافي جي پـٺيان ٻين عملن بابت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ ب??لي جي صارفين کي ??يليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت به ميڊيا کي ??گاهه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت ب??لي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي به موجود هو.
نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری