اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا ا??تت??ح ڪري ڇڏيو. نگران پرڏيهي وزير ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آ??يس موجب پاڪستان 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ ايونٽ جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزارتي اجلاس جيڪو 12 کان 15 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جو ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي. پاڪستان اجلاس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مش??رڪه جي حڪومتي سربراهي اجلاس کان ا?? ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ??دا ڪري رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مش??رڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. پاڪستان دولت مش??رڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي نوجوانن جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته مش??وليت نوجوانن جي معاشري ۾ انهن جي اونرشپ وڌائي ٿي. هن عالمي پائيدار ??رقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ دولت مش??رڪه جي ڪردار ??و پڻ ذڪر ڪيو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاران ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا افتتاح
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria