ڪراچي – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستا?? ڪراچي جو دورو ڪيو. آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جو آرٽس ڪائونسل پهچڻ تي استقبال ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه جي فن ۽ ثقافت جي فروغ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته آرٽس ڪائونسل پ??ڪستان جو سڀ کان وڏو ثقافتي ادارو بڻ??ي چڪو آهي، ملڪ ۾ فنون ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ آرٽس ڪائونسل ۽ احمد شاهه جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير آرٽس ڪائونسل جي عمارت ۾ قائم مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر