اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان عوامي جمهوريه چين جي ??ائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل فائدي جي ??اءِ معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش و ورجاءُ ڪيو ويو. پاڪستان جي دوري تي آيل چيني نائب پرڏيهي وزير وفد سان گڏ ايوان صد?? ۾ صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زيڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ايوان صد?? جي ??ريس ونگ موجب صد?? وفد جي آ??يان ڪندي چيو ته چين هڪ تمام ئي عزيز دوست آهي جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سي پيڪ منصوبن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صد?? چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي ??اءِ پوري طرح پرعزم آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ چين جو تعاون پاڪستان جي صنعتي ترقي جي ??اءِ ا??م هوندو. هن چيو ته ٻنهي دوست ملڪن جي ??چ ۾ اقتصادي تعاون ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. هن پاڪستان جي ??عيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ چين جي تعاون کي ساراهيو. صد?? چيو ته پاڪستان پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ آءِ ٽي، تعليم، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ مختلف فورمز تي تعاون ڪن ٿا. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت سمورن بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ان جي اصولي موقف جي حمايت ڪرڻ تي چين جو ٿورائتو آهي. چين جي ??ائب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي ??ڪ پراڻي تاريخ آهي جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. هن مارچ 2020ع ۾ ڪوويڊ 19 جي ??با دوران چين جي دوري تي صد?? پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سندس حمايت کي سدائين ياد رکيو ويندو.
صدر سان چين جي نائب پرڏيهي وزير جي وفد سان گڏ ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے