ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ دبئي جي حڪومت مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي م??قع?? تي گڏيل عرب امارات ۾ قائم ملٽي نيشنل لاجسٽڪ ڪمپني ”ڊي پي ورلڊ“ جي گروپ چيئرمين ۽ سي اي او سلطان احمد بن سليم ملاقات ڪئي. نگران ??زي??اعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطي ۽ تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪيو. نگران ??زي??اعظم پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي وسعت ڏيڻ ۾ ڊي پي ورلڊ جي دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ ڪمپنين کي حڪومت پاران ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. پاڪستان واپار ۽ صنعتي سرگرمين جي محور جي طور تي پنهنجي جاگرافيائي ۽ اقتصادي ويزن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حصيدار ادارن کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ملاقات کانپوءِ نگران ??زي??اعظم مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن وارين وزارتن ۽ دبئي جي حڪومت جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ دبئي حڪومت پاران ڊي پي ورلڊ نمائندگي ڪئي. معاهدن تحت پاڪستان ۾ ٺوس فريٽ ڪوريڊور، م??ٽي ماڊل لاجسٽڪ پارڪ ۽ ريلوي نيٽ ورڪ تي مال برداري جا ٽرمينلز قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سامونڊي اقتصادي زون قائم ڪرڻ ۽ پورٽ قاسم ۾ نيوي گيشن چينل جي ڊريجنگ جي معاملن ۾ تعاون ڪيو ويندو.
پاڪستان ۽ دبئي جي حڪومت ۾ مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا